SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


رياستن جي برابري


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


رياستن جي برابري

ِِEquality of States

ايڪُئلٽي آف اسٽيٽس

ويسٽفليائي معاهدي (1648ع) جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل نئين رياستي نظام جا بُنياد آزادي، خودمختياري ۽ برابريءَ وارن نُڪتن تي بيٺل آهن. خاص طور تي ڪنهن به رياست جي برابريءَ جي بُنيادن تي تسليميءَ بنا، سندس خود مختياريءَ جو تصور اڌورو رهجي وڃي ٿو. انهيءَ ڪري ئي گڏيل قومن جي تنظيم جو بنياد، دُنيا جي سڀني قومن جي خودمختياري ۽ برابريءَ ڀريل حيثيت جي مڃتا واري اُصول تي رکيل آهي. اهڙي اداراتي تسليمي هوندي به، بهرحال بين الاقوامي قانون ۽ سياست ۾ ان اصول تي عمل درآمد اڃا وڏو مسئلو بڻيل آهي. ڇاڪاڻ جو گهڻ-رخي بين الاقوامي نظام تي اڄ به ڪن چند طاقتور رياستن جي هڪ-هٽي موجود آهي. ”رياستي برابريءَ“ جي مقصد موجب، دُنيا جي ڪا به رياست رياستي مرتبي سان سلهاڙيل سڀني مراعتن، موقعن ۽ سفارتي سهولتن جي حقدار آهي، پر طاقتي نظام جي ٽيڪ تي هلندڙ بين الاقوامي سياسي نظام دُنيا جي سڀني رياستن کي هڪ-ڪرو مرتبو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ان حوالي سان روايت پسندن جو خيال آهي، ته جيڪو شخص روس، ليسوٿو، آمريڪا ۽ ٽونگا جي رياستن کي ساڳي خاني ۾ رکي ٿو، سو دراصل سياسي حقيقت پسنديءَ کان ڏور آهي، ڇاڪاڻ جو وڏي رياست وڏو علائقو، فوج، وسيلا، آدمشماري ۽ ٻيا پهلو رکڻ ڪري، وڏي پئماني تي سرگرمي ڪندي، جنهنڪري نتيجا به اُن پئماني جا حاصل ٿيندا. ان قسم جي صورتحال ”فطري اڻ برابري“ واري تصور کي جنم ڏي ٿو، جنهن کان ڪن لاٽار ممڪن ناهي. ننڊين ۽ وڏين رياستن وچ ۾ موجود ان فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ دُنيا ۾ ٿيندڙ ڪوششون ڪو نتيجو نه ڏيئي سگهيون آهن. جيتوڻيڪ تڪرارن جو به خاتمو تيستائين ممڪن نه ٿو ٿئي، جيستائين سگهاريون رياستون انهن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا نٿيون ڪن. بين الاقوامي تعلقات جا جنگ، طاقت جي توازن، بين الاقوامي قانون ۽ سفارت ڪاريءَ جهڙا اهم جُز ، زباني جمع خرچ جي حوالي سان رياستي برابريءَ جا گيت ڳائيندي درجه بنديءُ واري سرشتي (Hierarchical System) ذريعي آخرڪار اهڙي برابري هم- طاقتي يا هڪجهڙي سگهه رکندڙ رياستن وچ ۾ ئي ممڪن بڻائين ٿا. گڏيل قومن جي اداري ۾ اهم طاقتن کي مليل ”ويٽو پاور“ ان سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو. هونئن به دُنيا ۾ قديم يوناني رياستي نظام کان وٺي رياستي مرتبي ۾ عدم توازن رهندو آيو آهي. جنهن جو هڪ مثال ايٿنس طرفان ڪمزور شهري رياست ”ميلان“ سان ڪيل جُٺين جي صورت ۾ سامهون آهي. ويهين صديءَ ۾ هن سلسلي جو سڀ کان اهم سوال آهي ته ڇا دُنيا ۾ ڪڏهن به ”رياستي برابريءَ“ جو خواب مُمڪن ٿي سگهندو؟ ان سلسلي ۾ سڀ اُميد پرست حلقا دنيا ۾ آزاديءَ جي تحريڪن، اُسريل مُلڪن خلاف اُسرندڙ مُلڪن طرفان حاصل ڪيل سفارتي سوڀن، نئين بين الاقوامي معاشي نظام جي اوسر ۽ جنرل اسيمبليءَ جي وڌيڪ متحرڪ ڪرداربابت وڌندڙ طلب جا مثال ڏيڻ کان پوءِ به، بهرحال اهو چوڻ تي مجبور آهن، ته ويجهي مستقبل ۾ عالمي سياست ۾ سڀني رياستن جي برابري نه پر ”مرتبي موجب“ رياستن جي برابري ئي ممڪن آهي .


Remember Me Also:

اڳ وٺڻ

سامهون اچڻ. آڏو اَچڻ. فريب ڏيڻ. ڪوڙ ڳالهائڻ. مُنجهائڻ. ڪنهن جو دڳ جهلي بيهڻ ، اڳ وٺي ويهڻ. پهچي ۽ اڳتي نڪري وڃڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal